تور ورائي دڙو

تور ورائي دڙو (ماڳ ):3500 ق. م جو هي ماڳ بلوچستان جي ضلع پشين ۾ واقع آهي. هي ماڳ ڪوئٽا ويليءَ ۾ تيري چر (Tiri-chur) ۾ شورا رود (Shora-Rud) نئن جي وچ تي شيخ وصل ڳوٺ ڏانهن ويندڙ واٽ کان اڌ ميل اولهه ۾ آهي. اهو رستو اتر ۾ وڃي قنڌار واري وڏي رستي سان ملي، کوجڪ لڪ ڏانهن وڃي ٿو. هي مخروطي دڙو ڪوئٽا ٺڪر (Quetta ware) سان ڀريو پيو آهي. ان کانسواءِ هتان ڪچي ٺڪر جا جهنجهڻ، ڪچي سنگ مر مر جا پيالا ۽ عورت جي مورتيءَ جا ٽڪر به مليا آهن. ٺڪراٺو، ڪوئٽا، دمب سادات، فيض محمد وارن ماڳن جي ٺڪراٺي سان ڀيٽڻ جهڙو آهي. ڪوئٽا ٽڪر، ڳاڙهي ناسي رنگ جو، ان تي ڪارا پٽا ۽ گولڙا ٺپيل آهن. اهو ٺڪراٺو منڊي گاڪ ماڳ (افغانستان) جي ٽئين ۽ چوٿين تهه جي وٿن سان ملندڙ آهي. ان کان سواءِ ٺڪراٺو مهر ڳڙهه جي تهه پنجين ۽ ستين سان ميل کائي ٿو، جيڪو ٻڌائي ٿو ته هي ماڳ 4000 ق.م جي پڇاڙي کان 3000 ق.م جي اڌ تائين جي دور جو آهي.
ٺڪر جو نمونو: 1. هلڪو ڪڙياڙو پيالو (Carinated bowl) جنهن جي ڪَني جو قطر 20.3 س.م آهي، جنهن تي ٿلهي ليڪ سان خوبصورت (Chevron) ڪيڪري چٽ آهن. (ڪوئٽا ٺڪر جو نمونو)
2. ڍڪڻ Lid: هن جو قطر 9.5 س.م آهي، جيڪو شايد ڪنهن ڪڙيالي پيالي جو ڍڪڻ آهي. (ڪوئٽا ٺڪر جو نمونو)
3. ننڍ-ڳچو ڪُولو: هن جي ڪني جو قطر 7س. م آهي. ڳاڙهسرو ميٽوڙي (Radish-buff) ٺڪر-بنا ليڪن جي، پر ٻاهران تراشيل (Pared) آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو